پاڪستان

پاڪستاني شخص جي درياهه دلي، ترڪيا جي زلزلي متاثرن کي ساڍا 8 ارب عطئي طور ڏئي ڇڏيا

پاڪستان سان تعلق رکندڙ رحمدل شخص ترڪيا ۽ شام جي زلزلي متاثر ماڻهن لا ماٺ ميٺ ۾ ساڍا 8 ارب رپيا عطيو ڪري ڇڏيا، جنهن جي جذبي جي وزيراعظم شهباز شريف به ساراهه ڪئي آهي. ترڪي جي خابرو اداري موجب هڪ پاڪستاني شخص آمريڪا ۾ ترڪ سفارتخاني پهتو ۽ پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ بنا 30 ملين ڊالر (ساڍا 8 ارب رپين کان وڌيڪ) رقم عطئي طور ڏئي هليو ويو، اها رقم ترڪيا ۽ شام ۾ تاريخ جي بدترين زلزلي سبب متاثر ٿيل ماڻهن جي بحالي تي خرچ ڪئي ويندي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف ٽوئيٽر تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته خاموشي سان ترڪيا ۽ شام جي زلزلي متاثرن لا هڪ پاڪستاني طرفان 30 ملين ڊالرن جي امداد ڏيڻ واري عمل دل کي ڇهي ورتو آهي، خلق جي خدمت جا اهڙا ئي شاندار مثال آهن جيڪي انسانيت کي پيش ايندڙ ڏکياين کي منهن ڏيڻ جي قابل بڻائين ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button