پاڪستان

شوڪت ترين جو آڊيو ليڪ ۾ گهيرو تنگ، گرفتاري جو فيصلو، گهرو وزارت کان اجازت طلب

آ ايم ايف سان معاهدي بابت ليڪ ٿيل آڊيو جي جاچ مڪمل ڪرڻ بعد وفاقي جاچ اداري (ايف آ اي) ناڻي جي اڳوڻي وفاقي وزير شوڪت ترين جي گرفتاري جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب ايف آءِ اي شوڪت ترين جي ليڪ آڊيو تي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي، جنهن بعد قانوني ڪارروائي شروع ڪرڻ ۽ سندس گرفتاري لاءِ گهرو وزارت کان اجازت طلب ڪئي وئي آهي. ايف آءِ اي موجب شوڪت ترين جي ڳالهه ٻول آءِ ايم ايف سان معاهدي کي نقصان پهچائڻ لاءِ هئي، شوڪت ترين قومي مفادن ۽ سيڪيورٽي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button