پاڪستان

نيب جي عقوبت خانن ۾ شل ڪو دشمن به نه وڃي:وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته “جيڪو ڏاڍو سو گابو” واري نظام کي دفن ڪرڻ کانسوا ملڪ جي ترقي ممڪن ناهي، مشڪل دور مان گذري رهيا آهيون، مون سميت سڄي اشرافيا کي سچي دل سان قرباني جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، منهنجي دعا آهي ته نيب جي عقوبت خانن جو ڪو دشمن به منهن نه ڏسي. وزيراعظم اهڙو اظهار لاهور ۾ باب پاڪستان جي تعمير ۽ والٽن روڊ کي توسيع ڏيڻ واري منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب دوران ڪيو. شهباز شريف چيو ته باب پاڪستان منصوبو سڄي دنيا کي پاڪستان قائم ٿيڻ بابت تاريخ کان آگاهه ڪندو، نواز شريف 1991ع ۾ هن منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو هو، 1948ع ۾ قائداعظم به هن هنڌ تي آيو هو، هي اها جا آهي جتي هندوستان کان مسلمان هجرت ڪري پهتا هئا. وزيراعظم چيو ته منهنجي دعا آهي ته نيب جي عقوبت خانن ۾ ڪو دشمن به نه وڃي، گذريل حڪومتن ۾ انصاف جو قتل ڪيو ويو، بيگناهه ماڻهن کي عقوبت خاني ۾ موڪليو ويو، نيب وارن چونڊي چونڊي بيگناهه ماڻهن خلاف بي بنياد ڪيس ٺاهيا پر “جيڪو ڏاڍو سو گابو” واري نظام کي دفن ڪرڻ بنا ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو. هن چيو ته باب پاڪستان منصوبي کي بيدردي سان خراب ڪيو ويو، اربين رپيا دفن ٿي چڪا آهن، 2008ع ۾ ٻڌايو ويو ته باب پاڪستان منصوبي جي يادگار تي 90 ڪروڙ رپين جو ماربل لڳايو ويندو، هيل تائين 110 ڪروڙ رپيا باب پاڪستان رٿا ۾ دفن ٿي چڪا آهن، اڄ تائين هتي کنڊر اتي جا اتي موجود آهن، نيب هن منصوبي ۾ غبن ڪندڙن جو ڪڏهن به احتساب ڇو ناهي ڪيو؟ هي ٻٽو معيار آهي، جنهن ملڪ کي تباهي جي ڪناري تي پهچايو آهي، وڏي بيدردي ۽ بي رحمي سان هن منصوبي کي تباهه ڪيو ويو ۽ پاڪستان جا اربين رپيا هن رٿا ۾ چٽ ٿي چڪا آهن، ، نيب انهن فردن کي سڏائي پڇا ڳاڇا ڪري جيڪي ڪرپشن ۾ ملوث هئا، هي اهو ٻٽو معيار هو جنهن ملڪ کي نقصان پهچايو. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ اهڙا بيشمار منصوبا آهن، جن ۾ قوم جا کربين رپيا دفن ٿي ويا پر ڪٿي به ڪا ڪارروائي نه ٿي، اسان هينئر ڏکئي دور مان گذري رهيا آهيون، الله تعاليٰ جي فضل سان جيڪڏهن محنت ڪنداسين، مون سميت سڄي اشرافيا سچي دل سان قرباني ۽ ايثار جو مظاهرو ڪندي ته ملڪ جي ٻيڙي وچ دريا مان اڪري پار لڳندي، مون سميت سڀني کي پاڪستان کي هنن ڏکياين مان ڪڍڻو پوندو، اسان کي ڏينهن رات محنت ڪري ملڪ کي ترقي ڏانهن وٺي وڃڻو آهي، جيستائين نظام تبديل نه ٿيندو، ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته گذريل 20 کان 25 سالن دوران منهنجو هي هن هنڌ جو اٺون يا ڏهون دورو آهي ۽ هي تاريخي هنڌ اسان سڀني کي هندستان جي ورهاڱي جي موقعي تي پاڪستان آيل پناهگيرن جي عظيم قربانين جي ياد ڏياري ٿو، مختلف هنڌن تي جيڪا قتل و رتوڇاڻ جي بازار گرم ڪئي وئي هئي ان جو مثال موجوده دور جي تاريخ ۾ ڪٿي به نٿو ملي، لکين مائرن جون جهوليون خالي ٿي ويون، جوانن، نياڻين ۽ ٻارن شهادت جو رتبو ماڻيو ۽ بعد ۾ عظيم ملڪ پاڪستان سندن قربانين عيوض وجود ۾ آيو. والٽن اهو هنڌ آهي جتي هزارين پناهگيرن اچي قيام ڪيو ۽ مقامي ماڻهن مديني جي انصارن جي ياد تازي ڪئي، 1999ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت هلي وئي ۽ الله جي فضل سان ٻيهر اسان کي ملڪ جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو. مون خواجه سعد رفيق سان گڏجي ان منصوبي جي تڪميل لاءِ جدوجهد جو آغاز ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button