عالمي

صلاحڪار عورت سان لاڳاپن جو اعتراف، ٽورنٽو جي ميئر استعيفا ڏئي ڇڏي

ٽورنٽو جي ميئر جان ٽوري اسٽاف ۾ شامل عورت سان جنسي لاڳاپن جو اعتراف ڪندي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي آهي. ميئر جان ٽوري جو چوڻ آهي ته ٽورنٽو سٽي جي عملي ۾ شامل عورت سان ويجهو تعلق رکڻ تي زال ۽ ڪٽنب آڏو شرمسار آهيان، ڄاڻايل عورت سان تعلق ڪرونا وبا جي ڏينهن ۾ قائم ٿيو ۽ هلندڙ سال جي شروعات ۾ ختم ٿي ويو ۽ هاڻ هوءَ شهر ڇڏي هلي وئي آهي. هن عورت جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪئي پر پرڏيهي ميڊيا دعويٰ ڪئي ته اها 31 ورهين جي عورت ميئر جي صلاحڪار هئي. ميئر وڌيڪ چيو ته مان انهن سڀني کان معافي گهران ٿو جن کي منهنجي اهڙي عمل تي ڏک پهتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button