اسلام آبادپاڪستان

پ پ،نوازليگ ۽ جي يو آءِ جي اسڪروٽني تي پي ٽي آءِ جا اعتراض رد

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن پ پ، (ن) ليگ ۽ جي يو آءِ (ف) جي اسڪروٽني ۾ دير تي پي ٽي آءِ جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا. اليڪشن ڪميشن پيپلز پارٽي، مسلم ليگ ( ن ) ۽ جي يو آءِ ( ف ) جي فنڊن جي اسڪروٽني تي اڳڀرائي رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. اليڪشن ڪميشن پاران ٽن جماعتن طرفان اسڪروٽني ۾ دير تي پي ٽي آءِ جا اعتراض رد ڪيا ويا آهن. رپورٽ ۾ هر هر وڪيلن جي تبديلي، شنوائي هيٺ درخواستن ۽ اسڪروٽني ميمبرن جي غير موجودگي کي دير جو اهم ڪارڻ قرار ڏنو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسڪروٽني ڪميٽي جي ميمبرن جي تبديلي به دير جو هڪ سبب بڻي. هڪ ڪميٽي ميمبر ڪورس لاءِ ويو ۽ نئين ميمبر جي مقرريءَ ۾ چار مهينا لڳي ويا. تيرنهن ڊسمبر 2021ع تي ڊپٽي آڊيٽر جنرل مسعود اختر جي رٽائرمينٽ سبب به ڪميٽي غيرفعال ٿي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button