شوبز

فن، ادب ۽ درست تلفظ جو باب بند، ضياء محي الدين وڇڙي ويو

فن ۽ ادب سميت درست تلفظ تي مهارت رکندڙ ضياء محي الدين مداحن کان سدائين لاء وڇڙي ويو آهي، جنهن سان هڪ عظيم بند ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق ضياء محي الدين فيصل آباد ۾ 20 جون 1931ع ڌاري جنم وٺندڙ آرٽسٽ 92 ورهين جي عمر ۾ بيماري سبب ڪراچي ۾ دم ڏنو آهي. ضياء محي الدين صداڪاري، اداڪاري ۽ ميزباني سميت انگريزي ۽ اردو جي درست تلفظ تي عبور سبب شهرت ماڻي، هن 1953ع کان 1956ع تائين لنڊن جي رائيل اڪيڊمي آف ڊراميٽڪ آرٽ لنڊن مان تربيت ورتي،

ضياء محي الدين آرٽ اڪيڊمي ۾ شاگردن کي سکيا ڏئي رهيو آهي (يادگار تصوير)

ڪيريئر جي شروعات ٿيٽر ۽ اسٽيج کان ڪيريئر شروع ڪيو، جڏهن تھ لارينس آف عريبيا سميت هالي ووڊ جي فلمن ۾ ڪم ڪيائين، پاڪستان اچڻ بعد ضياء محي الدين نالي شو بھ ڪندو رهيو، جيڪو مقبول ٿيو. 1960ع ۾ هن اي ايم جي ناول اي پيسيج ٽو انڊيا تي ٺاهيل اسٽيج ڊرامي ۾ پڻ ڪم ڪيو. فن ۾ مڃتا طور هن کي 2003ع ۾ ستارا امتياز ۽ 2012ع ۾ هلال امتياز ڏنو ويو. زندگي جي آخري ڏينهن تائين نيشنل اڪيڊمي آف پرفنگ آرٽ جي واڳ سنڀاليندو رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button