پاڪستانپنجاب

منهنجي حڪومت ۾ باجوا سپر ڪنگ هو، سڀئي اختيار هن وٽ هئا:عمران خان

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گذريل حڪومت ڪيرائڻ جو ذميوار اڳوڻو آرمي چيف هو، جنرل (ر) قمر جاويد باجوا سپر ڪنگ هو ۽ سمورا اختيار هن وٽ ئي هئا. پنهنجي وڊيو لنڪ خطاب ۽ پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته اهي ئي قومون خوشحال آهن جن وٽ قانون جي حڪمراني آهي، اسان جيڪڏهن صحيح فيصلا نه ڪنداسين ته ملڪ تباهي جي رستي ڏانهن نڪري ويندو، جيڪي قومون ظالم بدران ڪمزور کي پڪڙينديون آهن، اهي تباهه ٿي وينديون آهن. تحريڪ انصاف جي سربراهه چيو ته جنرل باجوا جا شهباز شريف سان ويجها لاڳاپا هئا، انهن لاڳاپن جي نتيجي ۾ رجيم چينج آپريشن جو رستو کُليو، فوج جي سمورين پاليسين جو دارومدار فقط هڪ فرد تي هوندو آهي، جنرل باجوا جي هاڪاري لاڳاپن سان منهنجي حڪومت کي پاڪ فوج جي منظم حمايت حاصل رهي، باجوا طرفان ڪجهه وڏن ڏوهارين جي حمايت سبب مسئلا پيدا ٿيا، هن چاهيو ته پي ٽي آءِ حڪومت چورن جي ڪرپشن معاف ڪري ۽ انهن سان گڏجي ڪم ڪري. هن چيو ته نئين عسڪري قيادت ۾ اهو تاثر آهي ته رجيم چينج آپريشن ناڪام ٿي چڪو، باجوا جا شهباز شريف سان ويجها لاڳاپا هئا، انهن لاڳاپن جي نتيجي ۾ رجيم چينج آپريشن جو رستو کليو، عوام جي چونڊيل حڪومت وٽ ذميواري سان گڏ اختيار به هجڻ گهرجن، اختيار آرمي چيف وٽ هجن ۽ ذميواري وزيراعظم وٽ ته نظام نٿو هلي سگهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هن وقت پاڪستان دهشتگردي خلاف هڪ ٻي جنگ برداشت نٿو ڪري سگهي، نئين حڪومت جي غفلت سبب دهشتگردي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪَر کنيو آهي، عالمي لاڳاپا ذاتي انا نه پر ملڪي مفادن تحت هجڻ گهرجن، پاڪستان جي ماڻهن جو مفاد ان ۾ آهي ته اسان جا آمريڪا سان بهترين واپاري لاڳاپا هجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button