پاڪستانپنجاب

منهنجو قائد فقط نواز شريف،ڪنهن ٻي سياسي پارٽي جو ڪڏهن سوچيو به ناهي:شاهد خاقان

اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ شاهد خاقان عباسي نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ بابت هلندڙ ڳالهين کي افواهه قرار ڏيندي چيو آهي ته نواز ليگ سان ورهين جي وفاداري آهي. الحمرا آرٽس ڪائونسل لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجو قائد ۽ ليڊر فقط نواز شريف آهي ۽ مان نواز ليگ جي ٽڪيٽ تي ئي چونڊون وڙهندس، ڪنهن ٻي سياسي جماعت بابت مون ڪڏهن سوچيو به ناهي. هن چيو ته نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ جا افواهه بي بنياد آهن، اليڪشن ۾ نواز ليگ جي ٽڪيٽ تي حصو وٺندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button