پاڪستانعالمي

ترڪيا ۽ شام ۾ زلزلي جون تباهيون جاري، 29 هزار فوتگيون، جاني نقصان ٻيڻو ٿيڻ جو خدشو

ترڪيا ۽ شام ۾ 6 فيبروري تي آيل زلزلي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 29 هزار ٿي ويو آهي، جڏهن ته گڏيل قومن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي سان فوتگيون ٻيڻيون ٿي سگهن ٿيون. پرڏيهي ميڊيا موجب ترڪيا ۾ 25 هزار ۽ شام ۾ ساڍا 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. تباهه ٿيل عمارتن جي ملبي مان ماڻهن جي ڳولا جاري آهي، جڏهن ته ترڪ اختيارين ناقص اڏاوتن ۾ ملوث ماڻهن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي 12 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻئي طرف ترڪيا جي امدادي ٽيمن تباهي جي 140 ڪلاڪن بعد ستن مهينن جي ٻارڙي کي زنده بچائي ورتو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ترڪيا جي رياست هاتائي ۾ امدادي ٽيمن ستن مهينن جي ٻارڙي کي ملبي مان ڪاميابي سان ٻاهر ڪڍي ورتو. گريٽر ڪوڪيلي ميونسپلٽي هڪ بيان ۾ چيو ته ان جي فائر فائٽنگ ٽيمن ستن مهينن جي حمزه کي هاتائي جي علائق انطاڪيامي ۾ هڪ عمارت جي ملبي هيٺان بچائي ورتو. بيان ۾ ٻڌايو ويو ته ٽيمن ٻار کي ملبي هيٺان 140 ڪلاڪ رهڻ بعد ڪڍي اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ ايمبولينس ٽيم جي حوالي ڪري ڇڏيو. هوڏانهن ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته ترڪيه ۾ زلزلي سان متاثر علائقن ۾ لکين عمارتون رهائش جوڳيون ناهن رهيون چند هفتن ۾ تباهه ٿيل شهرن جي نئين سر تعمير شروع ڪرڻ جا قدم کڻنداسين پرڏيهي خابرو اداري مطابق زلزلي سان متاثر علائقن جي دوري تي ڳالهه ٻولهه دوران ترڪ صدر جو چوڻ هو ته ترڪيه ۾ زلزلي سان متاثر علائقن ۾ لکين عمارتون رهائش جوڳيون ناهن رهيو چند هفتن ۾ تباهه ٿيل شهرن جي نئين سر تعمير شروع ڪرڻ جا قدم کڻنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button