سنڌ

پاڪستان جي عورتن جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي آهي:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان خاص طور تي سنڌ جي عورتن کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن اها ڳالهه عورتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعليٰ هائوس مان جاري پنهنجي پيغام چئي. سيد مراد علي شاهه چيو ته اڄوڪي ڏينهن آمريت جي دور ۾ پاڪستان جي عورتن جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو ۽ دختر مشرق شهيد بينظير ڀٽو جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ جي قيادت ڪئي. هن چيو ته سنڌ حڪومت سدائين عورتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت عورتن کي معاشي طور تي مستحڪم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button