سنڌ

عورتن کي حق ڏيڻ بنا انساني حقن جي پاسداري ممڪن ناهي: بلاول ڀٽو

پي پي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عورتن کي هڪ جيترا حق ڏيڻ کان سواءِ انساني حقن جي پاسداري ناممڪن آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري ڪيل بيان مطابق پي پي چيئرمين عورتن جي قومي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ پاڪستان جي سمورين مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن سميت پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته اڄوڪو ڏينهن پاڪستاني عورتن جي جمهوريت لاءِ جدوجهد ۽ آمريت جي مزاحمت جي علامت جو ڏينهن آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستاني عورتون بي مثال بهادري، عظيم صلاحيتن سان سرشار آهن. هن چيو ته مادر ملت فاطمه جناح، مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو دنيا لاءِ رول ماڊل آهن. هن چيو ته منهنجي لاءِ اهو فخر جو سبب آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ جي واحد جماعت آهي، جنهن جي قيادت ٻه عورتون ڪري چڪيون آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 1973 جو آئين عورتن کي برابري، نمائندگي تحفظ ۽ ترقي جي هڪجهڙن موقعن جي ضمانت ڏي ٿو. پي پي چيئرمين ملڪ جي عورتن کي خاطري ڪرائيندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هر شڪل ۾ موجود فرق ۽ استحصال جي انت لاءِ پاڪستاني عورتن جي هر جدوجهد جي حمايت ڪري ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button