پاڪستانسنڌ

شبير نظاماڻي “آخري ناچ” ۾ سنڌي ادب کي چنڊ ڏنو آهي:حليم باغي

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ سنڌ ادبي فورم پاران سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار، ليکڪ ۽ سينيئر صحافي شبير نظاماڻي جي نئين آيل ڪتاب “آخري ناچ” جي مهورتي تقريب مزمل گيسٽ هائوس تي ڪوٺائي وئي، تقريب جي شروعات لطيف جي وائي سان ڪئي وئي. تقريب ۾ آيل مهمانن کي سنڌ ادبي فورم عمرڪوٽ جي اڳواڻ حاجي ساند آجياڻو ڏنو. تقريب کي خطاب ڪندي خالد نظاماڻي چيو ته شبير نظاماڻي جي ڪتاب جي مهورت سنڌ جي ڇيڙي واري شهر ۾ ٿئي پئي، اهو شبير لا وڏو اعزاز آهي، شبير پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪردار وسيلي عوام تائين وڏو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مير حسن آريسر چيو ته شبير نظاماڻي جن پلاٽن کي سليڪٽ ڪري ڪهاڻيون لکيون آهن، اهي عوام جي ذهن ۾ اڳ ئي موجود آهن، شبير انهي تي اسٽينڊ وٺي ڪهاڻيون لکيون آهن، جيڪي سدائين عوام کي ياد رهنديون، سوشل ميڊيا جي اچڻ سان اديبن ۾ اختلاف پيدا ٿيا آهن، اڄڪلھه جا شاعر، اديب ۽ ليکاري هڪٻئي جون ڄنگهون ڇڪڻ ۾ پورا آهن، تخليقي ڪم نه هئڻ جي برابر آهي. ممتاز نهڙئي چيو ته شبير نظاماڻي صحافتي ميدان ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي، هن انهي سموري تجربي ۾ سڄي سنڌ ۽ ملڪ ۾ عوام سان ٿيندڙ تعدين کي سهيڙي ڪهاڻين جو ڪتاب آندو آهي، اسان کيس مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. صحافي اسحاق مڱرئي چيو ته شبير نظاماڻي ڪهاڻين ۾ اهي شيون لکيون آهن، جيڪي هو صحافي ٿي نٿو لکي سگهي، انهن ڳالهين کي ڪهاڻين جو ويس پارائي لکيو آهي. علي زاهد چيو ته شبير نظاماڻي اسان جي معاشري جو اهو فرد آهي، جنهن جي آڏو روز خبرن جي صورت ۾ سوين ڪهاڻيون اچن ٿيون. نصير ڪنڀار ڳالهائيندي چيو ته شبير نظاماڻي کي اسان سدائين صحافي طور ڏٺو آهي، پر اسان کي خوشي تڏهن ٿي، جڏهن هو ڪهاڻيڪار ٿي نروار ٿيو آهي، هڪڙا ڪهاڻيڪار اهڙا ٿي گذريا آهن، جن تمام سخت ٻولي ۾ ڪهاڻيون لکيون آهن، پر شبير نظاماڻي سادي ٻولي ۾ ڪهاڻيون لکيون آهن، جيڪي عام ماڻهن کي آساني سان سمجهھ ۾ اچي وڃن ٿيون. حميد سومري ڳالهائيندي چيو ته شبير نظاماڻي جون سموريون ڪهاڻيون دلچسپ آهن، جنهن ۾ اٺ رانديڪا ۽ ٻيون ڪهاڻيون شامل آهن. ڪتاب جي تخليقڪار شبير نظاماڻي خطاب ڪندي چيو ته مونکي ننڍپڻ کان ئي ڪهاڻيون لکڻ ۽ پڙھڻ جو شوق هو، جنهن کي اڄ ڪتابي شڪل ۾ محفوظ ڪري سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان، ڪهاڻي جي آئيني ۾ هرڪو پنهنجو چهرو پاڻ ڏسندو آهي ۽ ان مان ئي ان کي اندازو ٿئي ٿو ته هو هينئر ڪٿي بيٺو آهي ۽ ڇا پيو ڪري، “آخري ناچ” ڪتاب تي آئون دوستن کي دعوت ڏيان ٿو ته تنقيدي پهلوئن تي به را ڏين ته جيئن مستقبل لا سوچي ان تي ڪو بهتر خيال پيش ڪجي. تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي ڀلوڙ شاعر حليم باغي چيو ته اڄوڪي جديد دور ۾ ڪهاڻين جي حوالي سان تمام گهڻي کوٽ محسوس ٿي رهي هئي، پر شبير نظاماڻي نئين انداز ۾ “آخري ناچ” نالي ڪتاب لکي سنڌي ادب کي هڪڙو چنڊ ڏنو آهي. مهورتي تقريب ۾ پروفيسر عبدالرئوف سومرو، خالد جوڳي، اڪبر پلي، طيب آريسر، انور ساند، غازي نهڙيو، مدن ڀيل، آزاد لال حسن، وڪيل شريف ڀيل، هرچند ساگر، ارباب نيڪ محمد، ميان گل منير ولهاري ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button