پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي مان وڌيڪ 3 خاندان مهانگائي سبب ملڪ ڇڏي ويا

مسڻ وڏي: يوسي مسڻ ڀرسان يوسي پاڪ سنگھار جي ڪوارٽر اسٽاپ جا رهواسي ڪولهي برادري جا 3 خاندان پاڪستان ۾ وڌندڙ مھانگائي ۽ بدامني کان تنگ ٿي ملڪ کي الوداع ڪري انڊيا روانا ٿي ويا. يوسي پاڪ سنگھار جي ڪوارٽر اسٽاپ جا رهواسي امرشي ڪولهي، مٺو ڪولھي ۽ موتي ڪولهي خاندان جي 27 فردن سان گڏ پاڪستان کي ڇڏي واگها بارڊر لاهور کان ڀارت روانا ٿي ويا آهن. سنڌ ۽ پاڪستان ڇڏيندڙ امرشي ڪولهي، مٺو ڪولهي ،۽ موٽي ڪولهي روئيندي چيو ته ھتي نه اسان جون عزتون ۽ زندگيون محفوظ آهي، نه وري ڪو تحفظ ٿو ملي، مٿان مهانگائي سبب بک مري رهيا هئاسين، مهانگائي سبب بک مرڻ ۽ خودڪشي ڪرڻ کان بهتر آهي ته ملڪ مان هليا وڃون، سندن روانگي وقت سندن ڳوٺ ۽ آس پاس جي علائقي جي ماڻهن جو وڏو تعداد انھي ڏک ڀري گهڙي مھل گڏ ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button