پاڪستانسنڌ

ِٻيراڻي ۾ پوليس جي زيادتي خلاف 7 ڪلاڪ ڌرڻو، گرفتار 7 ڄڻا آزاد

ڄام نواز علي: ڄام نواز علي لڳ ڳوٺاڻن پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري 7 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، کنڀي گم ڪيل ماڻھن کي آزاد ڪرڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو. رپورٽ موجب ٻيراڻي لڳ مري برادري جي ڳوٺاڻن بخشو مري ۽ عمر مري جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ جهول-ٽنڊوآدم روڊ تي رڪاوٽون وجهي روڊ بلاڪ ڪري ٻيراڻي پوليس جي زيادتين خلاف سخت احتجاج ڪري ڪري مظاهرو ڪيو ۽ 7 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو. هنن ميڊيا آڏو دانهيندي الزام هنيو ته ٻيراڻي پوليس 4 ڳوٺاڻن کي ضمانت ٿيڻ باوجود گرفتار ڪيل 3 ڳوٺاڻن سميت 7 ڳوٺاڻن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ظلم آهي. مظاهرين وٽ ڊي ايس پي پوليس اٽالن سان پهچي احتجاج ختم ڪرڻ لا ڳالهيون ڪيون، پر مظاهرين احتجاج جاري رکيو. سندن چوڻ هو ته اسان خلاف ٻيراڻي پوليس بيگناهه گرفتاريون ڪري رڻ ٻاري ڏنو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته جيستائين گرفتار ڪري گم ڪيل ڳوٺاڻن کي آزاد نه ڪيو ويندو، تيستائين احتجاج جاري رهندو. ٻئي پاسي جي ڊي اي اڳواڻ ڄام نفيس علي خان ڌرڻي واري هنڌ پهچي پوليس ۽ مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون، پوليس پاران کنڀي گم ڪيل ماڻھن کي جي ڊي اي اڳواڻ حوالي ڪيو ويو، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button