پاڪستانسنڌ

سامارو ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف استادن جو مظاهرو

سامارو: سامارو تعلقي جي 2021ع ۾ آئي بي اي ٽيسٽ پاس ڪرڻ بعد مقرر ٿيل پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي استادن 11 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ڀرت ڪولهي، معيز قائمخاني، مڪيش ڪمار، گيانچند ڪولهي، عمران آرائين، زين العابدين شاھه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي هنن ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته سنڌ سرڪار هڪ پاسي روزگار ڏيڻ جي دعوى ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي اسان کي 11 مھينن جون پگهارون نه ڏئي سخت پريشانين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي، اسان پنھنجي تعلقي جي مقامي توڙي ڏورانھن علائقن جي اسڪولن ۾ وڃي ٻارن کي پڙهائي رهيا آهيون، اسان وٽ اسڪولن تائين پھچڻ جو خرچ پکو به ناھي، پگھارون نه ملڻ ڪري اسان جي گهرن ۾ فاقاڪشي آهي، روز ڪيترائي پئسا خرچ ڪري پري پري اسڪول ۾ وڃي ٻارن کي تعليم ڏيون ٿا، اسان کي پگهار به نٿي ڏني وڃي. جي ايس ٽي استاد مڪيش ڪمار چيو ته منھنجو ٻار دماغي بيماري ۾ مبتلا آھي. ھنن استادن سيڪريٽري تعليم کان گهر ڪئي ته جلد اسان جون پگهارون جاري ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button