پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ موسمياتي تبديلين بابت جاڳرتا لا ڌار مضمون متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ حڪومت سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين ۾ موسمياتي تبديلين بابت سجاڳي لاءِ ڌار مضمون متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. صوبائي وزير اسماعيل راهو سيڪريٽري يونيورسٽيز ۽ سمورين يونيورسٽين جي وي سيز کي هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته موسمياتي تبديلين جي اثرن سبب سنڌ وڌيڪ گرمي ۽ سوڪهڙي جو شڪار ٿي رهي آهي، ناڪاري اثرن کان بچڻ لاءِ شاگردن کي بنيادي ڄاڻ فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو پاران سيڪريٽري يونيورسٽيز محمد مريد راھمون ۽ سمورن يونيورسٽين جي وي سيز کي موسمياتي تبديلي بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ ڌار مضمون تي ڪم شروع جون هدايتون ڪيون ويون آهن. ان سلسلي ۾ صوبائي وزير اسماعيل راهو جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديلين جي اثرن سبب سنڌ وڌيڪ گرمي ۽ سوڪهڙي جو شڪار ٿي رهي آهي، موسمياتي تبديلين جي ناڪاري اثرن کان بچڻ لاءِ يونيورسٽين جي شاگردن کي بنيادي ڄاڻ فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته يونيورسٽين ۾ موسمياتي تبديلي بابت مضمون پڙھائڻ سان انساني صحت جو معيار بھتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. صوبائي وزير اسماعيل راھو چيو ته مضمون جي تعليم سان سامونڊي گدلاڻ، صنعتي ويسٽ مئنجمينٽ ۽ اسپتالن جي ويسٽ ڊسچارج جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. پاڪستان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي، هن وقت جيڪڏهن موسمياتي تبديلي بابت آگاهي نه ڏني وئي ته ايندڙ نسل وڌيڪ مسئلن کي منهن ڏيندو. سنڌ سڀ کان وڌيڪ موسمياتي تبديليءَ کان متاثر ٿي رهي آهي، موسمياتي تبديلي پاڪستان جي خوراڪ جي پيداوار لاءِ تمام خطرناڪ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button