پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ گرلز اسپورٽس گالا، 35 اسڪولن جي شاگردياڻين حصو ورتو

ٽنڊوالهيار: آل پرائيويٽ اسڪول ايسوسيئيشن ڊسٽرڪٽ ٽنڊوالهيار پاران هڪ ڏينهن وارو گرلز اسپورٽس گالا منعقد ڪيو ويو، راشد آباد گرائونڊ تي ڪوٺايل اسپورٽس گالا ۾ سوين شاگردياڻين حصو ورتو. ان موقعي تي خطاب ڪندي مهمان خاص سرپرست اعلى اپسما پروفيسر گل محمد مستوئي، ڊي آئي بي انچارج حميد ڪاشيگر، صدر اپسما محمد عامر خانزاده ۽ محمد عمر خانزاده چيو ته آل پرائيويٽ اسڪول مئنيجمنٽ ايسوسيئيشن ٽنڊوالهيار پاران گرلس اسپورٽس گالا جون رانديون ڪرايون ويون آهن، راندين ۾ رساڪشي، رننگ ريس، ٻوري ريس، اسپون گيم، چيئر رولنگ ۽ ڪرڪيٽ شامل آهي، گيم گالا ۾ ٽنڊوالهيار جي 35 اسڪولن حصو ورتو آهي، ڇوڪرن کي راندين جا ڪيترائي موقعا ملندا آهن، پر نياڻين کي راندين جا موقعا گهٽ ملن ٿا، ان ڪري اسان صرف هي اسپورٽس گالا نياڻين جو ڪرايو آهي. آخر ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ شاگردياڻين ۾ ٽرافي، شيلڊ ۽ سرٽيفيڪيٽ ورهايا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button