پاڪستانسنڌ

شهدادپور ۾ موٽرسائيڪل ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، 2 پورهيت فوت

شھدادپور: شھدادپور ۾ هالاروڊ تي روڊ حادثي ۾ 2 نوجوان پورهيت فوت ٿيا، هڪ پورهيت زخمي ٿي پيو. ان سلسلي ۾ شھدادپور شھر جي هالا روڊ تي سلطان سي اين جي وٽ بيٺل ٽرڪ سان پويان کان ايندڙ موٽرسائيڪل ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب شھدادپور شھر جي واپڊا روڊ جا رھواسي موٽرسائيڪل سوار پورهيت ڌنو ڀيل ۽ هيرو ڀيل ٿڏي تي فوت ٿي ويا. جڏھن ته گلو ڀيل زخمي ٿي پيو. فوتين جا لاش ۽ زخمي کي شھدادپور انسٽيٽيوٽ ميڊيڪل سائنسز اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن چڪاس ڪرڻ بعد ڌنو ۽ هيرو ڀيل جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻئي پاسي اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، موٽرسائيڪل سوار ٻراچڙي ۾ مائٽن جي شادي جي دعوت کائي واپس موٽي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button