پاڪستانسنڌ

اسان جي ثقافت ۾ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي ڪا گنجائش ناهي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اسان جو ملڪ پاڪستان عظيم تهذيب ۽ ثقافت جي ڌرتي آهي، اسان جي ثقافت امن، محبت ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل آهي، اسان جي ثقافت ۾ انتهاپسندي ، دهشتگردي ۽ بداخلاقي جي ڪا به گنجائش ناهي، پر بدقسمتي سان ڪجهه جاهل ماڻهن پاڪستان جو چهرو مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ بين الاقوامي سطح تي پاڪستان جي چهري کي غلط پيش ڪرڻ جون احمقاڻا حرڪتون ڪري رھيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن فيريئر هال ۾ ڪريسنٽ آرٽ گيلري پاران منعقد ڪيل ٽن ڏينهن واري آرٽ ورڪشاپ سيزن 2 جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان جو اصل چهرو اڄ هن تاريخي فيريئر هال جي لان ۾ ڏسي سگهجي ٿو، جتي هزارين نوجوان ڇوڪرا، ڇوڪريون ۽ وڏي عمر جا آرٽسٽ پنهنجي فن جي مختلف پهلوئن سان اسان کي روشناس ۽ پاڪستان جي روشن چھري کي اجاگر ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان امن پسند ماڻهو آهيون. ادب، شائستگي ۽ خاص ڪري عورتن جو احترام اسان جي ثقافت جو اهم جز آهن. هن چيو ته بدقسمتي سان ڪجھ ماڻھن پاران پاڪستان ۾ ڇا پيو سيکاريو وڃي ته جيڪڏهن ڪو توهان جي مخالفت ڪري ۽ توهان جي موقف سان متفق نه هجي ته ان کي ڪيئن گاريون ڏنيون وڃن ۽ ان جي خاندان کي ڪهڙي نالن سان سڏيو وڃي. روڊن توڙي پرڏيھه ۾ انهن سان ڪهڙي قسم جو رويو اختيار ڪيو وڃي. هن چيو ته اهي سڀ ڳالهيون جيڪي نوجوانن کي سيکاريون پيون وڃن، اهي اسان جي ملڪ جي ثقافت ناهي. اھو ڪجھه گهٽ عقل ۽ نا سمجهه ماڻھن پاران شروع ڪيل تماشو آهي. ۽ ان تماشي کي خاص ڪري سوشل ميڊيا تي ھٿي وٺرائي پئي وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان کي نئون پاڪستان نه پر اصل پاڪستان گهرجي، جنهن پاڪستان جو چهرو اڄوڪي ھن آرٽ نمائش ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هن ميڊيا تي زور ڀريو ته هو پاڪستان جي اصل ثقافت کي اجاگر ڪن ۽ محبت ، ڀائيچاري ۽ امن جي پيغام کي ڦهلائين ۽ ھن نمائش ۾ حصو وٺندڙ آرٽسٽن جي سوچ کي پکيڙين. صوبائي وزير چيو ته هو ٽن ڏينهن واري آرٽ نمائش جي آرگنائيزرن کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو، جن بهترين ڪاوش ڪئي آهي ۽ پاڪستان جي هر علائقي مان آرٽسٽن کي دعوت ڏني آهي، سڄي پاڪستان مان جيڪي فنڪار هتي اچي گڏ ٿيا آهن اهي گڏجي پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هن نمائش ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي پينٽنگ ٺاهي پئي وڃي، جيڪو پاڪستان لاءِ وڏو اعزاز آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت هن قسم جي پروگرامن جي هميشه همٿ افزائي ڪئي آهي ۽ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪيو آهي ۽ مستقبل ۾ به هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو. تقريب کي خطاب ڪندي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھه چيو ته اڄوڪو ڏينهن اهم ڏينهن آهي، پاڪستان جي آرٽسٽن گڏجي عالمي رڪارڊ قائم ڪيو آهي ۽ دنيا جي سڀ کان وڏي پينٽنگ ٺاهي آهي. هن چيو ته اسان جا آرٽسٽ صلاحيتن ڪنهن کان به گهٽ نه آهن. هن چيو ته هن رنگارنگ نمائش جي منتظمين جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن ايونٽ ۾ مختلف پروگرام منعقد ڪيا ويا، جن ۾ نه رڳو پاڪستان جي آرٽسٽن شرڪت ڪئي پر پرڏيهي شھرين به ڀرپور دلچسپي ورتي آهي. ان موقعي تي صوبائي وزيرن دنيا جي سڀ کان وڏي 240 فوٽ پينٽنگ ٺاهڻ تي خيبرپختونخواهه جي ساجد علي ۽ سندس ٽيم کي 15 لک رپين جو چيڪ پيش ڪيو. جڏهن ته قمر، عبدالله صديقي، طالب نقوي، فتح هاليپوٽو، سحر شاهه رضوي ۽ ٻين آرٽسٽن کي شاندار ڪارڪردگيءَ تي ايوارڊ ڏنا . ان کان اڳ صوبائي وزيرن آرٽسٽ گيلريءَ جو دورو ڪيو ۽ مصورن پاران ٺاهيل پينٽنگس جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ڪريسنٽ آرٽ گيلري جي سي اي او ناصر جاويد، ڪيوريٽر سدرا جاويد ۽ ڪوآرڊينيٽر مس فرح کين تفصيلي بريفنگ ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button