شوبز

سپنا گل عدالت ۾ پيش، حملي ڪيس ۾ پوليس حوالي

ڀارتي اداڪارا ثنا عرف سپنا گل کي ڪرڪيٽر تي حملي ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جنهن کي عدالت سڀاڻي تائين رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪرائيندي سپنا گل ٻڌايو تھ پرٿوي شاهه مارڪٽ ڪئي، بعد ۾ پوليس کي شڪايت نھ ڪرڻ جو چئي معافي ورتي ۽ هليو ويو. هن چيو تھ مان کيس نٿي سڃاڻان ۽ نھ سيلفي جو چيو هو. هن ٻڌايو تھ پرٿوي تڪرار وقت نشي ۾ هو، هوش ۾ اچي ڪيس داخل ڪرايو آهي. هن چيو تھ معاملو ختم ڪرڻ خاطر 50 هزار گهرڻ وارو الزام غلط آهي، پرٿوي کان اڳ مان اتي پارٽي ۾ شريڪ هئس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button