
مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته اهي 5 ڪردار جن پاڪستان کي هن حال تائين پهچايو آهي، انهن کي معافي نه ملڻ گهرجي، هي ڪا منهنجي ذاتي ايجنڊا ناهي، سڄي قوم سان ظلم ۽ زيادتي ٿي آهي. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آئون واضح طور چوان ٿو ۽ جيڪو منهنجي سياست جو نچوڙ آهي ته انهن 5 ڪردارن کي معاف نه ڪرڻ گهرجي، رڳو مون سان سڄي قوم سان ظلم ٿيو، اهي 5 شخص انهي بئنچ ۾ ويٺل هئا، جن پاناما بدران اقامي تي ڪارروائي ڪئي ۽ هڪ منٽ اندر وزيراعظم کي فارغ ڪري ڇڏيو. نواز شريف وڌيڪ چيو ته چوڌري پرويز الاهي جي آڊيو ليڪ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته آڊيو ليڪ ۾ پرويز الاهي جون ڪيل ڳالهيون سنگين آهن، ان کان وڌيڪ سنگين ڳالهيون ٻيون ڪهڙيون ٿي سگهن ٿيون، اهڙن ڪردارن جي ڪري ئي پاڪستان هن هنڌ تي پهتو آهي.