پاڪستانپنجاب

عمران خان 22 فيبروري کان جيل ڀريو تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

تحريڪ انصاف جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان 22 فيبروري اربع جي ڏينهن کان جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جي شروعات لاهور کان ٿيندي. عمران خان چيو آهي ته جيلن کان نه ڊيڄاريو وڃي، جڏهن جيل ڀريو تحريڪ شروع ٿيندي ته جيلن ۾ جڳهه خالي نه بچندي، لاهور کانپو هي تحريڪ ملڪ جي هر وڏي شهر ۾ وڌائي جيلون ڀرينداسين. پنهنجي وڊيو بيان ۾ عمران خان چيو ته آئين واضح طريقي سان چئي ٿو ته اسيمبليون ٽٽڻ بعد چونڊون 90 ڏينهن اندر ٿيڻ گهرجن، جيڪڏهن 91 هون ڏينهن آيو ته جيڪا به نگران حڪومت هوندي اها غير آئيني هوندي، چيف اليڪشن ڪمشنر کي به خبر آهي ته اسيمبلي ٽٽڻ بعد 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻيون آهن پر چيو وڃي ٿو ته پوليس نه هوندي، فوج نه هوندي، خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر چونڊون ڪرائڻ کان لاچاري ظاهر ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن عدليا آئين تي عمل نٿي ڪرائي سگهي ته ان کان وڏي بربادي ٻي ڪا به ناهي. پي ٽي آ چيئرمين چيو ته اسان به آ ايم ايف پروگرام ۾ هئاسين پر اسان اگهه نه وڌايا، هي ماڻهو ڊنل آهن ته جيڪڏهن چونڊون ٿيون ته هي پڪ سان هارائي ويندا، اسان بار بار چوندا رهياسين ته توهان ملڪ نٿا هلائي سگهو، توهان وٽ مينڊيٽ ئي ناهي، جيڪو حرام جو پئسو خرچ ڪري ماڻهن جي خريداري ڪري ان وٽ مينڊيٽ ناهي هوندو، اسان لاهور کان جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، هي اسان کي ڊيڄاري غلام بڻائڻ چاهين ٿا، اسان کي ڊپ ڏيارين ٿا ته جيل ۾ وجهي ڇڏيندا، هي اسان کي جيلون ڀرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن پر هنن وٽ جا ئي نه هوندي، هي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته چونڊون نه ٿين ۽ جيڪڏهن اليڪشن ٿئي ته اسان کي مهم هلائڻ لا گهٽ وقت ملي، جيڪڏهن هنن جو خيال آهي ته اسان ماٺ ڪري هنن کي اليڪشن چوري ڪرڻ ڏينداسين ته ائين هرگز نه ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته جنهن مُلڪ ۾ قانون جي حڪمراني ختم ٿي وڃي اتي انصاف جو نظام ختم ٿي ويندو آهي، مان چريو ته ناهيان جو پنهنجون حڪومتون ختم ڪري ڇڏيون، حڪمران چون ٿا اسان ڏُکيا فيصلا ڪيا، ڪهڙا ڏکيا فيصلا ڪيا؟ ڇا هن حڪومت اگهه وڌائڻ جهڙا ڏکيا فيصلا ڪيا؟ آءِ ايم ايف اسان کي به چيو هوته اگهه وڌايو، هنن سڀ شيون مهانگيون ڪري عوام جي چيلهه ڄٻي ڪري ڇڏي آهي، جيل ڀريو تحريڪ سڄي ملڪ ۾ ويندي، اهو نٿو ٿي سگهي ته هي جيل جو ڊپ ڏياري هر قسم جو ظلم ڪن، هي اسان کي گرفتاري کان ڊيڄارين ٿا، اسان جيل ڀري ڇڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button