پاڪستانعالمي

وزيراعظم جي ترڪيا ۾ زلزلي متاثرن سان ملاقات، هر ممڪن مدد جي خاطري

وزيراعظم شهبازشريف آديامان ۾ زلزلي متاثرن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ شهباز شريف ترڪ زلزلي سٽيلن کي پاڪستان پاران وڌ ۾ وڌ مدد جي خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا سيل مان جاري ڪيل پڌرائي مطابق وزيراعظم زلزلي متاثرن سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستاني اوهان جا ڀينر ۽ ڀائر آهن، پاڪستان اوهان کي هن ڏکئي وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندو. هن چيو ته پاڪستاني عوام پنهنجي ترڪ ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ آهي، وزيراعظم ترڪيا جي زلزلي متاثرن سان تعزيت پڻ ڪئي ۽ دنيا جي ٻين ملڪن کان اپيل ڪئي ته ترڪيا ۾ زلزلي متاثرن جي مدد لاءِ اڳيان وڌن. وزيراعظم چيو ته منهنجي عالمي برادري، او آئي سي، گڏيل قومن ۽ سڀني انساني همدردي جي تنظيمن کان اپيل آهي ته ترڪيا جي ماڻهن جي مدد لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. وزيراعظم آديامان ۾ پاڪستاني ريسڪيو ٽيمن سان به ملاقات ڪئي ۽ پاڪ فوج ۽ ريسڪيو 1122 جي اهلڪارن جي امدادي ڪاررواين کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان وڌيڪ سيءَ کان بچاءَ جا خيما ۽ ڪمبل ترڪيا اماڻيندو رهندو، پاڪستان فضائي، سامونڊي ۽ زميني رستن سان ترڪيا جي زلزلي متاثرن لاءِ امداد اماڻي رهيو آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان هن وقت تائين 500 ٽن امدادي سامان ترڪيا اماڻي چڪو آهي. هن چيو ته پاڪستان واپسي تي مان پاڪستان ۾ موجود سردي کان بچاءُ جا خيما ٺاهيندڙ ڪارخانيدارن سان ملاقات ڪندس، پاڪستان جيترو ٿي سگهي زلزلي سٽيل ماڻهن لاءِ امداد اماڻيندو رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button