سنڌ

مسافر گاڏين جي ڀاڙن ۾ واڌ، حيدرآباد-ڪراچي روٽ تي وين جو ڀاڙو 500 رپيا ٿي ويو

پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه وڌڻ بعد سنڌ، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا صوبن ۾ ٽرانسپورٽرن مسافر گاڏين جا ڀاڙا وڌائي ڇڏيا آهن. ڪراچي کان حيدرآباد ايندڙ ويگن جو ڀاڙو 200 رپيا واڌ بعد هاڻي 500 رپيا في سواري ٿي ويو آهي، ڪراچي کان سکر ويندڙ وين جو ڀاڙو 1200 مان وڌائي 1600 رپيا ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ڪراچي کان پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ڏانهن ويندڙ مسافر ڪوچن جي ڀاڙن ۾ به 20 کان 25 سيڪڙو واڌ تي عمل شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ ڪوچون هاڻي في مسافر کان هڪ هزار رپيا اضافو ڀاڙو وصول ڪرڻ لڳيون آهن. ڪراچي کان پشاور ويندڙ مسافر گاڏين جو ڀاڙو 1500 اضافي بعد 6 هزار رپين تائين پهچي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button