پاڪستانسنڌ

ڀٽ شاهه ۾ 4 ٻارن جي پي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي

ڀٽ شاهه: ڀٽ شاھه ۾ 4 ٻارن جي پي دڪاندار رياض حسين پريشانين کان تنگ ٿي روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي. 45 ورهين جي رياض حسين ورياهه کي ٽنڊوآدم روڊ ڀرسان روهڙي ڪئنال مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال پهچندي رياض حسين دم ڏنو. اسپتال انتظاميا ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو. فوتي جي وارثن جو چوڻ آهي ته هو ڪافي عرصي کان بيمار هو ۽ ذهني پريشاني جو شڪار رهندو هو، اڄ اوچتو شهر مان ٽنڊوآدم جي وين گاڏي تي چڙهي وڃي روهڙي ڪئنال ڀرسان لهي پيو ۽ واهھ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، علائقي واسين کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ واهه مان ڪڍي اسپتال پهچايو، پر هن اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو. فوتي زميندار سان گڏ ميڊيڪل اسٽور جو مالڪ پڻ هو ۽ چئن ٻارن جو والد هو. درگاهھ ڀٽائي جي قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاهه لطيفي، پير آف ڀٽ شاھه سيد گدا حسين شاهه لطيفي، اديب الحسن شاھه لطيفي، احسن عباس شاہه لطيفي، محمد شاهھ ڪاظمي لطيفي، رضا رضوي، انٽرنيشنل هيومن رائيٽس موومينٽ جي مرڪزي چيئرمين رانا غلام نبي راجپوت ۽ ٻين نوجوان جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button