پاڪستانرانديون

ڀرڳڙي اسڪول ٽيب بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ميچ کٽي ورتو

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪندڙي اسڪول رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي هيڊماستر پريم چند پاران منعقد ڪرايل ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول اردو حالي روڊ ۽ گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪندڙي اسڪول رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۾ ڪرڪيٽ ٽيمن ۾ خان گرائونڊ ۾ ڪرڪيٽ ميچ ٿيو، جنهن ۾ سيڪنڊري اسڪول اردو جي ٽيم مقرر 10 اوورن ۾ 110 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي ٽيم 9 اوورن ۾ ٽارگيٽ مڪمل ڪيو. کٽيندڙ ٽيم کي استاد شمس العارفين ۽ پي اي ٽي ٽيچر رميز راجا ٽرافي ۽ شيلڊون ڏنيون. ان موقعي تي شمس العارفين ۽ رميز راجا چيو ته ٽورنامينٽ ۾ شاگردن بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري، اسان جي شاگردن ۾ ٽيلنٽ موجود آهي، رڳو انهن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي ته اها وڌيڪ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button