شوبز

اتر ڪوريا ملڪ ۾ هالي ووڊ فلمن تي پابندي لڳائي ڇڏي

اتر ڪوريا جي سوشلسث حڪومت ملڪ اندر هالي ووڊ فلمن جي نمائش ۽ نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڪم جونگ جي سرڪار والدين کي سخت تنبيهه جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت هاڻ وري ٻارن کي اولهه جي مواد کان پري رکڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي. ريڊيو فري ايشيا جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ اتر ڪوريا جي حڪومت ٻارن کي اولهه جون فلمون ڏسڻ جي اجازت ڏيندڙ والدين کي اڳ بھ سخت نتيجن جي ڌمڪي ڏني هئي. هوڏانهن حڪومت جو چوڻ آهي تھ جيڪڏهن ٻار هالي ووڊ جون فلمون ڏسندي پڪڙيا ويا تھ سندن اولدين کي ليبر ڪيمپ 6 مهينن تائين رکيو ويندو ۽ ٻارن کان پورهيو ڪرايو ويندو. حڪومت هدايت جاري ڪندي چيو تھ والدين پنهنجي ٻارن کي سوشلسٽ نظرين جي تعليم پنهنجي ٻارن کي ڏيارين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button