پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ لڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان جو پي قتل، ڌرڻو

عمرڪوٽ:عمرڪوٽ لڳ پياري جي شادي ڪندڙ نوجوان جو پي قتل ٿي ويو. وارثن لاش رکي ڌرڻو هنيو. رپورٽ موجب عمرڪوٽ ويجهو زيرو پوائنٽ واري علائقي ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن سبب 50 سالن جو سومار اوڏ قتل ٿي ويو، مقتول جي وارثن عمرڪوٽ شهر جي الله واري چوڪ تي لاش رکي مظاهرو ڪري 3 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، ڌرڻي جي اڳواڻي وڪيل سهڻو اوڏ ۽ رگهوير اوڏ ڪئي، ڌرڻي سبب ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، ڪنري، سامارو ۽ ٻين شهرن کان ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون. ان حوالي سان صحافين سان ڳالهائيندي وڪيل سهڻو اوڏ ۽ مقتول جي وارثن چيو ته ڪجھه ڏينھن اڳ گھمن اوڏ جي ڌيءَ زرينه اوڏ مقتول سومار اوڏ جي پٽ وزير اوڏ سان گهران نڪري اسلام قبول ڪري پيار جي شادي ڪئي، اسان جي برادري هنن ٻنهي کان لاتعلقي جو اظهار ڪري چڪي آهي، ان باوجود گهمن اوڏ ۽ سندس پٽن اسان جي ماڻهو کي اغوا ڪري لاش ڏنو آهي ۽ اسان جي هڪ نياڻي کي به اغوا ڪيو آهي، جنهن کي اڃا تائين واپس ناهي ڪيو ويو، اسان سان ظلم ٿيو آهي. هنن گهر ڪئي ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري نياڻي کي بازياب ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ڊي ايس پي عمرڪوٽ سڄاڻ سنگهھ ٺڪر ۽ ايس ايڇ او سٽي ٿاڻو وجئه ڪمار کتري ڌرڻي واري هنڌ پهچي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو، جنهنب بعد وارث لاش کڻائي ويا ۽ آخري رسمون ادا ڪيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button