پاڪستانسنڌ

عمران جي غلط پاليسين سبب ملڪ ڏيوالپڻي جو شڪار آهي:شازيه مري

جھول: غربت گهٽائڻ، سماجي تحفظ جي وفاقي وزير ۽ بينظير انڪم سپورٽ جي چيئرپرسن شازيه مري چيو آهي ته عمران خان جي غلط پاليسين جي ڪري ملڪ ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ويو آهي، جنھن جي ڪري موجوده حڪومت کي سخت فيصلا ڪرڻا پيا آهن. سول اسپتال سانگهڙ ۾ ڳورھاري، ٻارن کي ٿڄ پياريندڙ عورتن، ابهم ٻارن جي نشونما ۽ انھن کي غذائي کوٽ کان بچائڻ لاءِ حڪومت جي نشونما سينٽر جو جرمني کان آيل ٽيم سان گڏ افتتاح ڪرڻ دوران شازيه عطا مري وڌيڪ چيو ته بينظير ڀٽو نشونما سينٽر ۾ ڳورهاري عورتن ۽ ٿڃ پياريندڙ مائرن کي 6 مھينن تائين مقامي طور تي تيار ٿيل مامتا خوراڪ ڏني ويندي، جنهن ۾ وٽامنز ۽ معدنيات ملايا ويندا آهن. وفاقي وزير صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ ڪل (402) سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، جيڪي تعلقي سطح تي ڪم ڪري رهيا آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته پاڪستان ۾ ڳورهاري عورتن ۽ نومولود ٻارن کي ذھني جسماني طور مضبوط بڻايو وڃي ته جيئن ھڪ صحتمند سماج جي تشڪيل ڏئي سگھون. پ پ صحت جي شعبي ۾ عوام لاءِ وڌ کان وڌ ڪم ڪري رهي آهي، انھي کان علاوه بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام تحت غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻهن جي مالي مدد ڪري رھيا آھيون. پ پ عوام سان گڏ آھي، سانگهڙ ۾ جلد اين آئي سي وي ڊي سينٽر قائم ڪيو ويندو. اڇڙي ٿر جي ماڻهن جي جلد مدد لا ايمبولينس سروس اڄ ئي ڏئي رهيا آهيون، جيئن ڏورانهين علائقن ۾ پڻ عوام کي صحت جون بهتر سهولتون فراهم ڪيون. ان موقعي تي ڊي سي سانگهڙ محمد اسحاق گاد، ڊي ايڇ او سانگهڙ ڊاڪٽر فيض محمد مري، سول سرجن علي محمد جوڻيجو، پ پ اڳواڻ راجيش ڪمار ھرداساڻي، شاھد حسين مري، اسحاق سولنگي، سپاف ضلعي سانگهڙ جو اڳواڻ محمد علي خاصخيلي، پ پ سٽي سانگهڙ جو صدر غلام حيدر پنھور ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button