پاڪستانسنڌ

شهدادپور ۾ عورت جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ، مڙس ۽ سهري تي قتل الزام

شھدادپور/شاهپور چاڪر: شهدادپور ۾ عورت جو ڦاهو کاڌل لاش مليو، سندس والد مڙس ۽ سهري تي قتل الزام هڻي انصاف جو مطالبو ڪيو. رپورٽ موجب شھدادپور تعلقي جي ڳوٺ صوبيدار ڌڻي بخش ڏاهري جي رهواسڻ 21 ورهين جي پارتي زال ڪرشن ڀيل جو گهر جي ڪمري اندر گارڊر سان ڪپڙي ۾ لٽڪيل مليو. اطلاع تي شاهپورچاڪر پوليس پهچي وئي، جنهن لاش لهرائي سمس اسپتال آندو. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي عورت جي مڙس ڪرشن ڀيل چيو ته زال گهرو اڻبڻت تان گهر اندر گارڊر ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي آپگهات ڪيو آھي. پارتي کي 15 مھينن جي هڪ نياڻي ديويڪا جو اولاد آھي. ٻئي پاسي سمس اسپتال ۾ پارتي جي والد ڀوڄو ڀيل ميڊيا سان ڳالھائٔيندي چيو ته ڌي کي سھرو ھمٺو ڀيل ڪالهھ گھران وٺي ويو ھو، اڄ صبح جو اطلاع ڏنو ويو ته اوھان جي ڌي آپگھات ڪري ڇڏيو آهي. ھن شڪ ظاھر ڪندي چيو ته منهنجي نياڻي کي سندس مڙس ڪرشن، سھري ھمٺو ۽ سس لھرڪي ڀيل گڏجي گھٽا ڏئٔي قتل ڪيو آهي، اسان کي سر زمين تي به اچڻ ناھي ڏنو ويو. ھن وس وارن کان گهر ڪئي ته واقعي جي جاچ ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button