شوبز

اميتاڀ بچن شوٽنگ دوران حادثي ۾ زخمي، پاسراٽي ٽٽي پيس

بالي ووڊ فلمن جو بگ بي اميتاڀ بچن فلم جي شوٽنگ دوران خطرناڪ حادثي ۾ زخمي ٿي پيو آهي، جنهن جي هڪ پاسراٽي ٽٽي پئي آهي. ميڊيا رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ اميتاڀ بچن پنهنجي پراجيڪٽ جي شوٽنگ ۾ ايڪشن جو منظر ڪري رهيو تھ حادثي ۾ زخمي ٿي پيو، جنهن کي حيدرآباد جي مقامي اسپتال ۾ داخل ڪري علاج ڪرڻ بعد ممبئي ۾ گهر منتقل ڪيو ويو آهي. اميتاڀ بچن مداحن کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو تھ حادثي ۾ هڪ پاسراٽي ڀڳي آهي، گهر پهچي ويو آهيان، آرام ڪندس ۽ جلسا جي ٻاهران مداحن آڏو اچڻ کان پڻ لاچار آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button