شوبز

حريم وڊيوز ليڪ جي جاچ ايف آئي اي کان ڇو نٿي ڪرائي: صندل

پاڪستاني ٽڪ ٽاڪر صندل خٽڪ سندس دوست حريم شاهه پاران مٿس نامناسب وڊيوز ليڪ ڪرڻ جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي تھ حريم شاهه پنهنجي الزامن ۾ سچي آهي تُھ وڊيوز ليڪ جي جاچ ايف آئي اي کان ڇو نٿي ڪرائي. ميڊيا کي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو تھ نامناسب وڊيوز حريم پاڻ ليڪ ڪيون، هن جي آڏو ائين ڪرڻ ڪوبھ مسئلو ئي ناهي، وڊيوز ۾ نظر ايندڙ ماڻهو حسن شاهه آهي، ان وقت اهو حريم جو ويجهو دوست بھ هو. هن چيو تھ حريم وٽ ٻين ماڻهن جون وڊيوز بھ آهن، بليڪ ميل ڪري پيسا وٺندي رهندي آهي، هن مون کان ڀيڻ جي شادي لاءِ اوڌر ٿي پيسا ورتا، جيڪي واپس گهرڻ تي جهيڙو ڪيو، تنهنڪري منهنجو ساڻس رابطو ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button