شوبز

عاليا ڀٽ مستقبل جي ليجنڊز جي شروعات آهي: ريکا

بالي ووڊ جي سدا بهار حسين اداڪارا ريکا نئين دور جي اداڪارا عاليا ڀٽ کي مستقبل جي ليجنڊز جي شروعات قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق نئين دهلي ۾ دادا صاحب ڦالڪي ايوارڊ وصول ڪرڻ بعد عاليا ڀٽ کي پاڻ وٽ بيهاري ساڻس ڳالهائيندي ريکا چيو تھ، مان پنهنجي هي ايوارڊ مستقبل جي ليجنڊز جي نالي ڪيان ٿي ۽ عاليا انهن جي شروعات آهي. ريکا جي اهڙي اعزاز ڏيڻ تي عاليا ڀٽ جذباتي ٿي وئي ۽ سندس اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا. ياد رهي تھ عاليا ڀٽ کي پڻ بهترين اداڪاري تي دادا صاحب ڦالڪي ايوارڊ ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button