رانديون

نيوزيلينڊ اننگز ۽ 58 رنسن تان سريلنڪا کي شڪست ڏئي ڇڏي

نيوزيلينڊ ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ۾ سريلنڪا کي فالوآن ڪرڻ بعد اننگز ۽ 58 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ڪلين سوئيپ ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق ويلنگٽن آخري ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن سريلنڪا ٻي اننگز ۾ 358 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ ڌننجيا ڊي سلوا 98، دنيش چنديمل 62، نشان مڌوشاڪا 39، ڪوسن رجيٿا 20 رنسن سان نمايا رهيا. جڏهن تھ راند جي ٽئين ڏينهن ڪوشل مينڊس 50، ڊيموٿ ڪرونارتني 52 رنسون ڪيون هيون. ڪيوي بالرن مان ٽم سائودي ۽ بليئر ٽڪنر 3،3 وڪيٽون وٺي پاڻ ملهايو، مائيڪل براسويل 2 شڪار ڪيا آهن. ان کان اڳ نيوزيلينڊ پهرين اننگز 4 وڪيٽن تي 580 رنسن تي ڊڪليئر ڪئي هئي، جنهن جي جواب ۾ سريلنڪا پهرين اننگز ۾ 164 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي هئي. ڪين وليمسن کي 377 رنسن ڪرڻ تي پليئر آف دي سيريز ۽ هينري نڪولس کي 200 رنسن تي پليئر آف ميچ جا ايوارڊ ڏنا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button