شوبز

شادي بچائڻ لا تشدد ۽ بيعزتي برداشت ڪئي:ماڊل مٿيرا

ماڊل، اداڪاره ۽ ميزبان مٿيرا چيو آهي ته شادي کي بچائڻ لا نه رڳو گهر ۽ مڙس جا اهي ڪم به ڪيا جيڪي مون کي نه ڪرڻ گهرجن ها بلڪه تشدد ۽ بيعزتي به برداشت ڪندي رهيس. ماڊل ۽ اداڪاره تازو هڪ ٽي وي پروگرام “هماري مهمان” ۾ شريڪ ٿي، جتي هن پهريون ڀيرو طلاق بابت کلي ڳالهيون ڪيون ۽ ڪيترين ئي ڳالهين کي ذاتي مسئلو قرار ڏئي انهن کي ڳجهو رکڻ پسند ڪيو. مٿيرا پنهنجي خاندان بابت به ڪجهه ڳالهيون ڪيون، هن چيو ته مان عوامي شخصيت آهيان پر مون هميشه پنهنجي خاندان کي نجي رکيو ۽ ان بابت ڳالهيون نٿي ڪري سگهان. اداڪاره ۽ ميزبان موجب پاڪستاني معاشرو ايتري سهپ نٿو رکي ته هو پنهنجي خاندان جي سڀني ڳالهين کي ٻاهر آڻي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button