اسلام آبادپاڪستان

تڪراري قانونسازي ٿي ته اڄ کان ئي ايندڙ چونڊون نٿا مڃون:بلاول ڀٽو

اسلام آباد :پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تڪراري قانونسازي ٿي ته اڄ کان ئي ايندڙ چونڊن کي نٿا مڃون. ڪالهه پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران بلاول ڀٽو زرداري اسپيڪر کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان اوهان جي عهدي ۽ هن پارليامينٽ جو احترام ڪريون ٿا. اوهان به پنهنجي عهدي جو احترام ڪريو، عوام کي دوکو ڏيڻ لاءِ اسپيڪر جي آفيس کي استعمال نه ٿيڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جهڙي طريقي سان حڪومت هڪ طرفي چونڊ سڌارن جي ڪوشش ڪئي، اها ملڪ جي تاريخ ۾ ناهي ٿي. هن ايوان مان هي چونڊ سڌارن جو بل زبردستي منظور ڪرائڻ چاهين ٿا. اسان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي نٿا مڃون. اوهان اليڪشن ڪميشن جو اختيار نادرا کي ڏيڻ چاهيو ٿا، اسان اليڪشن ڪميشن سان گڏ بيٺل آهيون. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو آھي ته زبردستي قانون پاس ڪرائڻ خلاف عدالت وينداسين، پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر حڪومت خلاف احتجاج ڪنداسين. هن چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ۽ اپوزيشن جا اعتراض ختم ڪرڻ بنا چونڊ سڌارا آندا ويا ته هاڻ کان ئي چونڊن کي نٿا مڃون. اي وي ايم ۽ چونڊ سڌارن جي بلز کي مڃينداسين. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ ھو تھ اسپيڪر پنهنجي عهدي جو مانُ رکي ۽ بلز بلڊوز ٿيڻ جو حصو نه بڻجي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ عوام جي ووٽ تي ڌاڙي جي اجازت نه ڏني ويندي، حڪومت کي ڪهڙي تڪڙ آهي، سڀ گڏجي قانونسازي ڪنداسين ته ايندڙ چونڊون تڪراري نه ٿينديون. ھن چيو تھ حڪومت آءِ ايم ايف جي غلامي ڪندي عوام جي کيسن تي ڌاڙو هڻي رهي آهي، آدمشماري ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي حقن تي ڌاڙا هنيا ويا، اسان حڪومت کي اهڙا ظلم ڪرڻ نه ڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button