اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا 10 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون،270 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد:ڪرونا وائرس وڌيڪ 10 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن، جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 28 هزار 628 ٿي ويو آهي. جڏهن ته پاڪستان ۾ ڪرونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 8 هزار 362 ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران0 27 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 42 هزار 68، سنڌ ۾ 4 لک 73 هزار 293، خيبرپختونخوا ۾ هڪ لک 79 هزار 276، بلوچستان ۾ 33 هزار 422، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 403، اسلام آباد ۾ هڪ لک 7 هزار 383، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 517 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. سموري ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 14 لک 84 هزار 466 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 32 هزار 6 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 12 لک 29 هزار 347 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هڪ هزار 85 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button