شوبز

قدسيا علي سان ڊرامي جي شوٽنگ دوران حادثو ٿيڻ جو انڪشاف

پاڪستاني اداڪارا قدسيا علي سان ڊرامي جي شوٽنگ دوران حادثو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ هن ڊرامي جي سيٽ تي ماحول کي پنهنجائپ واري سڏيندي ٻڌايو تھ سموري ڪاسٽ کاڌو گڏجي کائيندي هئي، هڪٻئي سان سڀ ڪجهه شيئر ڪيو ويندو هو. هڪ سوال جي جاوب ۾ هن ٻڌايو تھ مون کي بائيڪ هلائڻ نھ ايندي هئي، سيٽ ئي سکي، هلائي تھ روڊ تي هلڻ بدران اڏرندي وئي، منهنجي پويان بلال احمد ملڪ ويٺو هو، جيڪو اتي ئي ڪري پيو، مون کي پير ۾ ڌڪ لڳو. هن چيو تھ ڊرامي ڪڇ ان ڪهي ۾ گهڻو کائيندڙ تانيا نالي ڇوڪري جو ڪردار ڪيو، اها بي خوف آهي، مان حقيقي زندگي ۾ ان جهڙي ئي آهيان. هن چيو تھ منهنجي ڪردار لاکي گاما پهلوان جو ڀيٽ ڏني وئي، پڇڻ چاهيان ٿي تھ ڇا گاما پهلوان بھ مون جيان ئي حسين هو، جو ڀيٽ ڏني وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button