اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم کي ڳالهين جي درخواست ڪريان ٿو، اپوزيشن کي وٽس هلي وڃڻو پوندو:آصف زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري حڪومت کي مخالف ڌر سان ڳالهيون شروع ڪرڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف کي درخواست ڪندس ته اپوزيشن سان ڳالهيون ڪري پر پهرين اپوزيشن کي وزيراعظم وٽ اچڻو پوندو پر ڳالهين ۾ اچڻ کان اڳ ڪي به شرط نه رکيا وڃن. پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي جي حوالي سان قومي اسيمبلي جي خاص اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو ته اهو پهريون ڀيرو ناهي ٿيو ته ڪورٽ نوٽيس موڪليو آهي، منهنجي خلاف سوموٽو نوٽيس ٿيا، مون ڏٺا آهن، اسان خلاف اڳ به انٽريون ٿينديون رهيون آهن، منهنجي ڀيڻ کي رات جو ٻارهين وڳي اسپتال مان کڻي جيل ۾ وڌو ويو، ان وقت ڪنهن سوموٽو نه ورتو. هن چيو جڏهن بينظير ڀٽو شهيد ٿي ته اسان پاڪستان کپي جو نعرو هنيو، اڄوڪو صدر مڃي ٿو ته جيڪڏهن مان ڪو ٻيو نعرو هڻان ها ته پاڪستان نه بچي ها، ٽي ٽي پي جا ٿريٽس مون کي به هئا پر جتي ماڻهو گهرائيندا اسين ضرور وينداسين پوءِ جيڪو ٿيو سو ڏٺو ويندو، اسان ته بلوچستان به وينداسين ۽ خيبر پختونخوا به وينداسين، اسان ملڪ کي بچائيندا آيا آهيون، هاڻ به بچائينداسين، جيستائين سسي ۾ ساهه آهي جمهوريت کي هلائينداسين ۽ سنوارينداسين. هن چيو ته اسان ڪڏهن به مذهب کي سياست ۾ استعمال نه ڪيو آهي، مون وڏا لاها چاڙها ڏٺا، مون وٽ سمورا راز آهن، ڪجهه راز شيئر ڪري سگهان ٿو ڪجهه نه ڪندس، ملڪ ڪڏهن به ڊيفالٽ نه ٿيندو، پنهنجي چوٿين نسل لاءِ ٽٽل پاڪستان نه ڇڏي ويندس، مضبوط ۽ پورو پاڪستان ڏئي ويندس. اڳوڻي صدر چيو ته ڳالهين جو اختيار وزيراعظم وٽ آهي، کيس درخواست ڪندس ته اپوزيشن سان ڳالهيون ڪري ۽ ڳالهين کان اڳ ڪي به شرط نه رکيا وڃن، اپوزيشن کي به ڳالهين لاءِ شهباز شريف وٽ اچڻو پوندو، ڇو ته هو ملڪ جو وزيراعظم آهي. هن وڌيڪ چيو ته چيف جسٽس توکي ڪير حق ڏئي ٿو؟ پاڪستان ٺاهڻ وارا به اسين ۽ ان کي بچائڻ به اسان جو فرض آهي، جمهوريت پسندن لا سازشون سدائين اسان جي تاريخ جو حصو رهيون آهن، اسان ڪنهن کي آئين سان کيڏڻ نه ڏينداسين، پاڪستان ٻيهر اٿندو ۽ اسان اٿاري ڏيکارينداسين، جيڪو چئي ڇڏيو اهو ئي ٿيندو، دوست کي دشمن بڻجڻ نه ڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button