اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023 پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان اڪثريت سان منظور

حڪومت صدر طرفان واپس موڪليل سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023ع پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان اڪثريت را سان منظور ڪرائي ورتو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ عدالتي سڌارن بابت بل منظوري لا پيش ڪيو. ان دوران تحريڪ انصاف جي سينيٽرن اسپيڪر جي ڊائيس اڳيان سخت احتجاج ڪيو ۽ نعرا به لڳايا، پي ٽي آ سينيٽ ميمبرن بل جون ڪاپيون ڦاڙي اسپيڪر جي ڊائيس اڳيان اڇلائي ڇڏيون. ان موقعي تي قانون واري وزير چيو ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل منظوري لا صدر کي موڪليو ويو هو، جيڪو صدر واپس موڪلي ڇڏيو، صدر قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان پاس ڪيل بل واپس اماڻيو آهي، ٻنهي ايوانن ۾ هن بل تي بحث به ٿيو هو. قانون واري وزير چيو ته صدر عارف علوي پنهنجي خط ۾ جيڪي سوال اٿاريا آهن اهي نامناسب آهن، صدر کي مشورو ڏنو آهي ته هو رياست جي سربراهه طور ڪم ڪري، پنهنجي جماعت جي ڪارڪن طور ڪم نه ڪري، صدر صاحب تعصب جي عينڪ پائي جماعت جي سروس شروع ڪري ڇڏيندو آهي، هي بل پارليامينٽ جو صوابديد آهي، صدر جا اهڙا لفظ مناسب نه آهن، هو پنهنجون آئيني ذميواريون پوريون ڪري ۽ ڪنهن سياسي پارٽي جو ميمبر نه بڻجي. وفاقي وزير چيو ته صدر عارف علوي تعصب واري عينڪ لاهي بل پڙهي وٺي ها، سپريم ڪورٽ جي ججن جي تعداد جو تعين به ايڪٽ آف پارليامينٽ سان ئي ٿيندو آهي، هن وقت سپريم ڪورٽ جي اندران آواز اٿي رهيا آهن، آئين تحت قانون ساز ايوان پارليامينٽ آهي، هي 22 ڪروڙ عوام جي نمائندگي ڪندڙ ايوان آهي، امپيريل ڪورٽ جي تاثر کي ختم ڪرڻ لا هي بل آندو ويو آهي، سمورا اختيار اڪيلي چيف جسٽس کان وٺي 3 سڀ کان سينيئر ججن کي ڏنا ويا آهن. ان موقعي تي نواز ليگ جي ميمبر شزا فاطما خواجا سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023ع ۾ ترميم پيش ڪئي، جنهن جي قانون واري وزير حمايت ڪري ڇڏي. بل ۾ ڪيل ترميم مطابق قانون منظور ٿيڻ بعد ججز ڪميٽي جو پهريون اجلاس قاعدا ۽ ضابطا طئي ڪرڻ لا گهرايو ويندو، جيستائين ججز ڪميٽي ضابطا نه ٺاهيندي ان وقت تائين چيف جسٽس اي ڪو به جج ميٽنگ گهرائي سگهي ٿو، پهرئين اجلاس بعد ايندڙ ميٽنگ ڪي به 2 جج گهرائي سگهندا. بعد ۾ بل جي شق وار منظوري ورتي وئي، جنهن کي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس اڪثريت را سان منظور ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button