اسلام آبادپاڪستان

هر سال 10 اپريل تي دستور جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان، آئين آمريتن کي منهن ڏنو پر اڄ به زنده آهي:وزيراعظم

حڪومت هر سال 10 اپريل تي “دستور جو ڏينهن” ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي، وزيراعظم شهباز شهباز شريف طرفان آئين جي گولڊن جي موقعي تي پيش ڪيل ٺهرا منظور ڪيو ويو. آئين پاڪستان جي پنجاهين سالگرهه جي سلسلي ۾ ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف مختصر تقريب بعد ٺهرا پيش ڪيو. وزيراعظم قرارداد پڙهندي چيو ته پاڪستان جي دستور ۾ اهو لکيل آهي ته اعليٰ حاڪميت فقط الله تعاليٰ کي آهي، آئين اندر ڏنل ان اختيار کي ملڪ جو عوام پنهنجي چونڊيل نمائندن ذريعي الله تعاليٰ جي طئي ڪيل حدن اندر رهي استعمال ڪندو، 10 اپريل 1973ع ۾ قومي اسيمبلي مان منظور ٿيل آئين ملڪ جي عوام جي خواهشن جو ترجمان آهي، 73ع جو آئين صوبن جي وحدت ۽ وفاق جي سياسي اتحاد کي يقيني بڻائيندي ان جي حقن ۽ خودمختياري کي تسليم ڪري ٿو، اڄ پاڪستان جي تاريخ جو هڪ تمام وڏو ڏينهن آهي، 50 سال گذرڻ باوجود آئين ۾ مختلف وقتن ۾ ترميمون ڪيون ويون پر آئين مختلف آمريتن کي منهن ڏيڻ باوجود اڄ به زنده آهي، اسان جي اڪابرن ملڪ اندر آئين جي حڪمراني، عدل ۽ انصاف جو ڳاٽ اوچو ڪيو، آئين سازي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ ذوالفقار علي ڀٽو، ولي خان، شاهه احمد نوراني ۽ ٻين اڳواڻن کي سدائين ياد رکيو ويندو، جيتوڻيڪ آئين کي ڪيترائي ڀيرا ٻيهر لکيو (ري رائيٽ) ڪيو ويو پر 73 جي آئين چئني صوبن کي هڪ لڙي ۾ پوئي رکيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته اسان جڏهن حڪومت سنڀالي ته حالتون ان حد تائين سنگين هجڻ جو اندازو نه هو، اقتدار سنڀالڻ وقت خبر نه هئي ته حالتون ايڏيون خراب آهن، هڪ شخص مبارڪون ڏيندي چيو ته هيءَ اتحادي حڪومت هڪ مهيني کان وڌيڪ نه هلي سگهي ها، توهان هڪ سال پورو ڪري ڪمال ڪيو آهي، ايندڙ چونڊن ۾ سڀني پارٽين کي پنهنجي منشور تحت وڃڻو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button