اسلام آبادپاڪستان

ون مين شو هلندو رهيو ته بحران کي ڪير به سنڀالي نه سگهندو: بلاول ڀٽو زرداري

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سڀني ڌرين سان ڳالهين لا راضپو ظاهر ڪندي چيو آهي ته اسان سليڪٽڊ ۽ نااهل شخص کي بي اعتمادي رٿ ذريعي هٽائي اهو سمجهيو هو ته سازشون هاڻي ختم ٿي ويون پر اسان غلط هئاسين، سازشون اڄ به جاري آهن، گذريل هڪ سال کان سازشون هلي رهيون آهن ۽ اسان برداشت ڪندا رهياسين پر هاڻي گڏجي سازشن جو مقابلو ڪرڻو پوندو، آئين کي پائمال ٿيڻ نه ڏينداسين. قومي اسيمبلي ۾ آئين جي گولڊن جوبلي تقريب کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته اسان اڄ به سازشن جي ڄار ۾ ڦاٿل آهيون، سياستدانن کي هڪٻئي سان ڳالهين جا در بند نه ڪرڻ گهرجن، ماضي ۾ جن به ڳالهين جا در بند ڪيا، فائدو ٽئين ڌر کنيو، اسان سڀني سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون، ملڪ ۾ سليڪٽڊ آرمي چيف، چيف جسٽس ۽ سليڪٽڊ وزيراعظم آڻڻ جو منصوبو هو، اسان سپريم ڪورٽ مان هڪ جج کي بيدخل ڪرڻ جي سازش کي ناڪام بڻايو آهي، بهادر ۽ غيرتمند جج به تاريخ ۾ هميشه موجود رهيا آهن، اسان هڪ ٻه نه پر ٽن آمرن کي ڀڄائي چڪا آهيون، اسان کي خبر آهي ته هر آمر جعلي ۽ سليڪٽڊ سياستدانن کي اڳيان آڻيندو آهي. هن چيو ته غير جمهوري قوتون چاهين ٿيون ته نالائق ۽ سليڪٽڊ ٻيهر قوم تي مڙهيو وڃي، 18 هين ترميم واپس ٿئي، يونٽ قائم ٿئي، تباهي جو سفر ٻيهر هلي، اهي نٿا چاهين ته هي حڪومتي اتحاد ڪامياب ٿئي، اسان جو وزيراعظم شهباز شريف صفا شريف ماڻهو آهي، سليڪٽڊ وزيراعظم کي ڪڍڻ جو اهو مطلب ناهي ته سازش ختم ٿي وئي، ملڪ جي آئين ۽ عدليا سان راند کيڏي پئي وڃي، جيڪا هڪ وڏي 10 سالن جي گيم پلان جو حصو آهي، ادارن ۾ اڃا به اهي ماڻهو موجود آهن جيڪي نٿا چاهين ته اتحادي حڪومت ڪامياب ٿئي، جيئن حڪومت هڪ شخص ڏيارڻي هئي، اهڙي نموني سپريم ڪورٽ ۾ به سازش ٿي رهي هئي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان آئين جو ساٿ ڏيندڙ جج کي ڪڍيو وڃي ۽ ڪجهه ججن جي نوڪري جو مدو وڌايو وڃي، هن سازش ۾ شريڪ ماڻهو اڄ به اعليٰ عدليا ۾ موجود آهن، اسان ان سازش کي به ناڪام بڻايو، هن وقت سياستدانن سان گڏ عدليا تي به ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي پنهنجي اداري جو وقار برقرار رکن، هينئر عدليا به واٽي تي بيٺل آهي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ جيڪڏهن هڪ شخص جي آمريت ۽ ون مين شو هلندو ته پو ايندڙ بحران کي پارليامينٽ سميت ڪير به سنڀالي نه سگهندو، هڪ چيف جسٽس ۽ ڪجهه ٻيا جج پنهنجي اقليت کي اڪثريت ثابت ڪرڻ چاهين ٿا، عام طور تي 2 ۽ 2 چار ٿيندا آهن پر هڪ چيف جسٽس ۽ سندس ساٿي جج عوام کي چئي رهيا آهن ته 2 ۽ 2 ٽي ٿيندا آهن، اهڙي قسم جي مذاق ملڪ جي آئين ۽ عدليا سان ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button