اسلام آبادپاڪستان

آئين سان گڏ بيٺل آهيون،ايوان ۾ ٿيل سياسي ڳالهين سان متفق ناهيان:جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته مان ۽ منهنجو ادارو سپريم ڪورٽ آئين سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان جي آئين ۾ سڀ کان اهم بنيادي حق آهن، اسان کي آئين جي اهميت سڃاڻي ان تي عمل ڪرڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ آئين پاڪستان جي گولڊن جوبلي تقريب ۾ شرڪت دوران خطاب ڪندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته مان هتي سياسي تقرير ڪرڻ نه آيو آهيان، اسان پاڪستان جي آئين سان گڏ بيٺل آهيون، خاموشي جو مطلب اهو ناهي ته سياسي ڳالهين سان متفق آهيون، مون کي چيو ويو ته هتي سياسي ڳالهيون نه ٿينديون ۽ رڳو آئين تي ڳالهايو ويندو پر هتي سياسي ڳالهيون ڪيون ويون، مان وضاحت ڪرڻ ٿو چاهيان ته منهنجي موجودگي ۾ جيڪي ڳالهيون ٿيون، انهن سان متفق نه آهيان، سڀاڻي ان ئي بنياد تي منهنجي خلاف ڪيس به ٿي سگهن ٿا، اسان اهو سوچي آياسين ته هتي سياسي نه آئيني ڳالهيون ٿينديون، منهنجي موجودگي دوران هتي ٿيندڙ سياسي ڳالهين سان متفق ناهيان، پنهنجي ۽ سپريم ڪورٽ طرفان چوڻ چاهيان ٿو ته اسان آئين سان گڏ آهيون، پنهنجي اداري طرفان اهو چوڻ چاهيان ٿو ته اسان هن ڪتاب سان گڏ بيٺل آهيون، الله تعاليٰ کانپو هن ڪتاب (آئين) جو پاڇو آهي، آئون قانون کي طريقي سان ڏسندو آهيان ۽ سياسي پسمنظر ۾ ڏسندو آهيان، اسان هن ڪتاب سان گڏ بيٺا آهيون، سياست توهان جو ڪم آهي منهنجو ناهي، اسان جو ڪم قانون مطابق وقت سر فيصلو ڪرڻ ۽ اوهان جو ڪم عوام جي مفاد ۾ قانون سازي ڪرڻ آهي. هن چيو ته پارليامينٽ، عدليا ۽ بيوروڪريسي سڀ هڪ آهيون، خبر ناهي ته اسان هڪ ٻئي کي دشمن ڇو پيا سمجهون، اسان دشمن کان به ايتري نفرت ناهيون ڪندا، جيتري هڪٻئي کان ڪندا آهيون، عوام جي بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، پنهنجي غلطين کي نادانيون سمجهي اڳتي وڌڻ گهرجي، اسان کي آئين کي پنهنجي دل سان لڳائڻ کپي، توهان وانگر مون به آئين تي عمل ۽ ان جي تحفظ جو حلف کنيو آهي، سڀاڻي ائين نه چئجو ته اسان توهان کي گهرايو پوءِ به اسان جي خلاف فيصلو ڏنو، ٿي سگهي ٿو ته سڀاڻي هتي ويٺل ماڻهن مان ڪنهن جي خلاف فيصلو اچي وڃي ۽ توهان چئو ته اسان توهان کي گهرايو هو پو اسان جي خلاف فيصلو ڇو ڏنو؟ شايد مون تي تنقيد ٿئي، اسان دستور سان گڏ بيٺل رهنداسين ۽ ان جي مطابق ئي ڪم ڪنداسين. قاضي فائز عيسيٰ وڌيڪ چيو ته توهان سڀني جو سياسي ميدان آهي پر مان قانوني حوالي سان شين کي ڏسندو آهيان، توهان اسان تي تبصرا ۽ تنقيد ڪري سگهو ٿا، اسان تنقيد ٻڌي به آهي، عدليا ۽ پارليامينٽ جو وجود ۽ مقصد ماڻهن جي خدمت ڪرڻ هئڻ گهرجي، توهان اهڙا قانون ٺاهيو جيڪي ماڻهن جي ڀلائي لا هجن، قائداعظم، علامه اقبال ۽ سندن ساٿين هڪ خواب ڏٺو ۽ پو هڪ تحريڪ هلي، جنهن دنيا جو سڀ کان وڏو مسلمان ملڪ وجود ۾ آندو پر بدقسمتي سان اڄ پاڪستان پنهنجو مقام وڃائي چڪو آهي ۽ انڊونيشيا کي اهو مقام حاصل آهي، جيڪڏهن ماضي ۾ وڃون ۽ مولوي تميز الدين جي ڪيس کي ڏسون ته ان وقت جي ججن جنهن دستور ساز اسيمبلي کي بحال ڪيو ته هڪ قانوندان ۽ قانون جي شاگرد طور مان اهو سوال پڇڻ چاهيان ٿو ته ڇا پاڪستان ٻن ٽڪرن ۾ ورهايل هجي ها، آئين کي 50 سال ٿي ويا آهن، اسان کي کپي ته ان کي دل سان لڳايون، ڇو ته ان ۾ عوام جي بنيادي حقن جو ذڪر آهي، آئين کي پنهنجي اسڪولن ۾ پڙهائڻ گهرجي، جڏهن ننڍپڻ کان ئي اسان آئين ۽ ووٽ جي اهميت کي سمجهنداسين ته معاشري ۾ وڏي بهتري هوندي، ملڪ جي آئين ۾ ڪيتريون ئي سٺيون شيون آهن جيڪي ٻين ملڪن ۾ نه آهن، جنهن ۾ ڄاڻ تائين رسائي جو حق حاصل آهي، منهنجو ادارو آئين جو محافظ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button