سنڌ

سنڌ اسيمبلي ۾ چونڊن بابت عدالتي فيصلي خلاف ٺهراءُ منظور

سنڌ اسيمبلي اپوزيشن جي سخت گوڙ ۽ احتجاج دوران عدالتي فيصلي جي خلاف ۽ سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرائڻ جو گڏيل ٺهراءُ منظور ڪري ورتو. اڱاري تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي گهنور اسراڻ پاران پيش ڪيل ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جو آئين سپريم دستاويز آهي ۽ آئين جي رکوالي ڪرڻ هر اداري جو فرض آهي، آئين جي آرٽيڪل 176 تحت سپريم ڪورٽ پاڪستان جي چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جا جج آهي ۽ آئين جي آرٽيڪل 184 تحت اختيار معزز سپريم ڪورٽ آف پاڪستان وٽ آهن، نڪي ڪنهن خاص جج وٽ، تازو ئي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊن جي اهتمام بابت هڪ فيصلي سبب هڪ تڪرار شروع ٿيو آهي جنهن ۾ چار معزز ججن سوموٽو کي برخاست ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٽن معزز ججن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي هدايتون جاري ڪيون آهن. ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته هي قانون جو هڪ طئي ٿيل اصول آهي ته فيصلا اڪثريت جي ذريعي ڪيا وڃن ٿا ۽ اقليت جا فيصلا اڪثريت جي راءِ تي غالب نٿا اچي سگهن، هي ان تقدس جي مفاد ۾ آهي، جيڪو اسان جي آئين ۾ عدليه کي ڏنو ويو آهي. هي ايوان ٺهراءُ پيش ڪري ٿو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان ملڪ ۾ نگران حڪومت جي موجودگي ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي وقت ۾ ٿينديون، ٺهراءُ جي منظوري وقت ايوان ۾ پي ٽي آئي ميمبرن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ اپوزيشن ميمبر پنهنجي سيٽن تي اٿي بيٺا. ايم ڪيوا يم جي خواجه اظهارالحسن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سڄي ملڪ ۾ چونڊون گڏ ٿيڻ گهرجن، اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته پنجاب ۾ چونڊون ٿين ۽ بين صوبن ۾ نه ٿين، هي ٺهراءُ ججز جي خلاف نه آهي سپريم ڪورٽ جي غير جانبداري لاءِ آهي. صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سڄي پاڪستان ۾ هڪ ڏينهن ۾ چونڊون ٿين. اسان آئين جي بالادستي چاهيون ٿا. شرجيل ميمڻ چيو ته هي ملڪ آئين جي ڪتاب تي هلڻو آهي. جيڪو به هن ڪتاب کي فالو ڪندو. ان جي عزت رهندي، اوهان ڇا سمجهو ٿا ته ذوالفقارعلي ڀٽو جو قتل ڪيو اسان خاموش رهون، سڄي پاڪستان جو ٻچو ٻچو چئي رهيو آهي ته شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي قاتلن تي لعنت آهي. هن چيو ته ڪوئي اهڙا فيصلا ڪري جو ملڪ جا بنياد ڌوڏي ڇڏي، ڇا ان تي به خاموش رهون. افتخار چوڌري وزيراعظم کي نااهل ڪيو، ان کان پوءِ جسٽس ثاقب نثار آيو هو، آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي ته جج ڊيم ٺاهيندو. هڪ ميمبر غريب ماڻهو کي چماٽ وهائي ڪڍي، ثاقب نثار ان کي گهرائي ڊيم فنڊ ۾ پئسا جمع ڪرائڻ لاءِ چيو. سنڌ اسيمبلي ۾ آئين جي گولڊن جوبلي جي قرارداد پڻ منظور ڪئي وئي، اسپيڪر ٺهراءُ جي منظوري کان پوءِ اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button