پاڪستانسنڌ

نوڪري جو آسرو ڏئي ڇوڪري سان مبينا زيادتي جو ڪيس داخل

نئون ڪوٽ: نئون ڪوٽ ۾ پرائيويٽ اسڪول انتظاميا طرفان نوڪري جو آسرو ڏئي سينٽر تي گهرائي پرنسپال پاران مبينا طور ناري سان زيادتي ڪرڻ جو ڪيس انڊس اسڪول اينڊ ڪاليج جي پرنسپال، سينٽر مالڪ ھائير سيڪنڊري اسڪول نئون ڪوٽ جي استاد ۽ سندس گهرواري تي داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ھڪ جوابدار کي گذريل ڏينھن پاڙيوارن پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ھو. ٻئي طرف متاثر ڇوڪري ۽ الزام هيٺ آيل پرنسپال جا پوليس جزا آر ايڇ سي نئون ڪوٽ ۾ ورتا، جيڪي چڪاس لا ڄامشورو ليبارٽري اماڻيا ويا. پوليس سينٽر مالڪ ۽ سندس گھرواري کي اڃان تائين گرفتار نه ڪري سگھي آهي. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ناري ۽ الزام ھيٺ آيل جوابدار اسڪول اسٽاف جا آهن، ڇوڪري اڳ ئي نوڪري ڪندي هئي، جن جي پاڻ ۾ دوستي هئي، ڇوڪري پرنسپال کي مسلمان ٿيڻ بعد ئي شادي ڪرڻ جي آڇ ڪئي، جنهن تان معاملو وڌي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button