پاڪستانسنڌ

سانگهڙ ۾ پرڻو ڪندڙ نوجوان جو پي ڪورٽ ٻاهران گوليون هڻي قتل

سانگهڙ: سانگهڙ ۾ پرڻو ڪندڙ نوجوان جي پي کي هٿياربندن عدالت ٻاهران گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. مقتول 4 ڪلاڪ اڳ تحفظ لا احتجاج پڻ ڪيو هو. ان سلسلي ۾ سانگهڙ لڳ ڳوٺ جان محمد خاصخيلي جي رھواسي سائين بخش خاصخيلي ڪجهه مهينا اڳ ڳوٺ جي ناري عائشه خاصخيلي سان پيار جو پرڻو ڪيو هو، جنهن تان ڌرين ۾ تڪرار شروع ٿي ويو. نوجوان سائين بخش خاصخيلي جو والد هادي بخش خاصخيلي سانگهڙ جي ڪورٽ مان تاريخ ڏئي واپس اچي رهيو هو ته ڪورٽ ٻاهران سنجهورو روڊ تي سندس تاڙ ۾ ويٺل نامعلوم هٿياربندن گوليون هڻي کيس قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا. ياد رهي ته قتل ٿيل هادي بخش خاصخيلي پنهنجي ننهن عائشه سان گڏ تحفظ لا پريس ڪلب آيو هو، جتي هن بيان ڏيندي چيو هو ته مون کي، منهنجي پٽ سائين بخش ۽ ننهن عائشه کي جان جو خطرو آهي، اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃين ننهن عائشه جا مائٽ منهنجي چوپائي مال ۽ ٻني تي زبردستي قبضو ڪري ويٺا آھن، سانگهڙ پوليس کي شڪايت ڪئي آهي، پر پوليس پوليس تحفظ نٿي ڪري. تحفظ لاءِ اپيلون ڪندڙ هادي بخش کي تحفظ نه مليو ۽ چئن ڪلاڪن بعد ڪورٽ ٻاهران قتل ٿي ويو. ٻئي پاسي پوليس لاش کڻائي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button