پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر جو صحافي ۽ شاعر ناشاد نصر سمون ڪينسر وگهي فوت

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر جي ڳوٺ مالھسريو سمان جو رھواسي اڳوڻو نوجوان صحافي، شاعر، اديب، ڪالم نويس، سنڌي ادبي سنگت ضلعي ٿرپارڪر جو اڳواڻ ۽ ھائي اسڪول استاد ناشاد نصر سمون ڪينسر جي موذي مرض سان جھيڙيندي 41 سالن جي ڄمار ۾ ڪراچي جي پٽيل اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، ناشاد سمون کي پنج نياڻين جو اولاد آھي، ناشاد نصر سمون ننگرپارڪر تعلقي سميت ضلعي ٿر توڙي سنڌ جي ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺندو ھو ۽ سندس ادبي خدمتون مڃتا لائق رھيون، ھن کي گذريل ھڪ سال کان وات جو ڪينسر ظاھر ٿيو، جنھن جو علاج ھلندڙ ھو. ثقافت کاتي سندس علاج ۾ مدد پڻ ڪئي، ھڪ ھفتو اڳ سندس حالت خراب ٿي وئي، جنھن بعد کيس ڪراچي جي پٽيل اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي کيس وينٽيليٽر تي رکيو ويو. گذريل ڏينھن سندس ساھه جو سڳو ٽٽي ويو. سندس مڙھه کي ڪراچي کان ڳوٺ مالھسريو سمان نيو ويو، جتي اباڻي قبرستان ۾ کيس مٽي ما حوالي ڪيو ويو. لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. سندس جنازي نماز ۾ صحافين، اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شاعر ۽ ليکڪ ڀارومل امراڻي ۽ شھاب نھڙيو چيو ته ناشاد نصرجو خال ڀرجڻ ڏکيو آھي. پ پ ٿر جي انفارميشن سيڪريٽري ڪامريڊ نندلال مالهي چيو ته ناشاد سمون جو موت ٿر جي ادبي دنيا ۾ وڏو نقصان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button