پاڪستانسنڌ

مقصودورند لڳ موٽرسائيڪل ۽ گڏهه گاڏي ۾ ٽڪر، نوجوان فوت

مقصودو رند: مقصودو رند ويجھو ڳوٺ حاجي رند لنڪ روڊ تي موٽرسائيڪل ۽ گڏھه گاڏي ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار 27 سالن جو نوجوان وحيد علي رند سخت زخمي ٿي پيو، نوجوان کي وارثن نوابشاھه اسپتال منتقل ڪيو، جتان کيس ڊاڪٽرن حيدرآباد اسپتال ريفر ڪيو، پر زخمي نوجوان رستي تي دم ڌڻي حوالي ڪيو. فوتي نوجوان ڳوٺ حاجي رند جو رھواسي ھو، سندس لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. سندس جنازي نماز ۾ سياسي، سماجي شخصيتن ۽ برادري جي معززن شرڪت ڪئي، جنهن بعد نوجوان کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button