پاڪستانسنڌ

سرهاڙي ۾ ڪڻڪ اسمگل جي ڪوشش ناڪام، هڪ گاڏي هٿ

سرهاڙي: سرھاڙي شھر ۾ رات جي وقت ڪڻڪ سان ڀريل گاڏين ۾ سوين ٻوريون بااثر ماڻهن جي ملي ڀڳت سان ضلعي کا ٻاهر اسمگل ٿيڻ لڳيون، جنهن سبب سرهاڙي خوراڪ کاتي جي گدام جو ٽارگيٽ پورو نه ٿي سگهيو. هڪ طرف ضلعي سانگھڙ ۽ ڊويزن شهيد بينظيرآباد انتظاميا خوراڪ کاتي کي غير قانوني طور ڪڻڪ جي چرپر تي نظر رکڻ ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙ واپارين خلاف ڪاروائي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آھي ته ٻئي پاسي ضلعي کان ڪڻڪ ٻاهر منتقلي تي پابندي مڙهيل آهي، ان باوجود گاڏيون ڀري ڪڻڪ ٻين ضلعن ڏانهن منتقل ڪئي پئي وڃي. گذريل رات دير سان واپاري شيرو پوليس ۽ انتظاميا جي مدد سان ڪجھه بااثرن جي ملي ڀڳت سان ڪڻڪ سرهاڙي کان ڪراچي منتقل ڪري رهيو هو، جيڪا ڪوشش ناڪام ٿي وئي، ڪڻڪ سان ڀريل ٽرڪ گدام تي آندي وئي. جتي ڪڻڪ جون سوين ٻوريون فوڊ جي عملدارن گدام تي لاٿيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button