پاڪستانسنڌ

جهنڊو مري ۾ مبينا مقابلو، 30 ڪيسن ۾ گهربل ڏوهاري مارجي ويو

ٽنڊوالھيار: جهنڊو مري ۾ پوليس مبينا مقابلي ۾ 30 ڪيسن ۾ گهبرل هڪ ڏوهاري کي مارڻ جي دعوى ڪئي. ان سلسلي ۾ تعلقي جھنڊو مري جي ڊاسوڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ اسماعيل خان لنڊ ۾ ضلعي ٽنڊوالهيار جي سي آئي اي ۽ مختلف ٿاڻن جي پوليس ڳجھي اطلاع تي ڪڙو چاڙھي 30 ڪيسن ۾ گھربل ڏوھاري سليمان لنڊ کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مبينا طور گھربل ڏوھاري سليمان لنڊ پوليس جا اٽالا ڏسي اٽالن تي فائٔرنگ ڪري ڏني. پوليس موجبد پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 30 ڪيسن ۾ گھربل سليمان لنڊ مارجي ويو، مارجي ويل ڏوھاري جو لاش سي آئي اي پوليس سول اسپتال ٽنڊوالھيار آندو، جتي مارجي ويل ڏوھاري جا وارث مارجڻ جي خبر ٻڌي سول اسپتال پھتا، پوليس ڏوهاري جو وارثن کي لاش نه ڏنو. ان سلسلي ۾ ڊي اي پي سي آئي اي ميڊيا سان ڳالھائٔيندي چيو ته مارجي ويل ڏوھاري جا ساٿي مقابلي دوران فرار ٿيڻ وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button